گردن جي بيماري سبب ڀارتي اداڪاره فوت

ممبئي(ويب ڊيسڪ)انڊين ٽي وي جي اداڪاره لينا آچاريه ڪافي وقت کان گردن جي بيماريءَ ۾ مبتلا هئي ۽ موت سان جهيڙي رهي هئي. هن پنهنجي ماءُ کي گردو عطيو ڪيو هو پر ان باجود هوءَ زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺي هئي لينا آچاريه دهلي جي هڪ اسپتال ۾ داخل هئي جتي هن آخري هڏڪي ڏني.ڀارتي ميڊيا موجب لينا آچاريه ڊرامن کان سواءِ ڪيترين ئي فلمن ۽ ويب سيريز ۾ به ڪم ڪيو هو ان ۾ راني مکرجي جي فلم هچڪي به شامل آهي لينا آچاريه جي فوتگي جي خبر سبب پوري انڊسٽري ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي وئي لينا آچاريه سان گڏ ڪم ڪندڙ  فنڪارن هن جي موت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو