قرض ڏيندڙ تنظيم جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڳوٺاڻن جو احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽر صادق بجير )قرض ڏيندڙ سماجي تنظيم جي خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو پريس ڪلب آڏو احتجاج عملي تي تنگ ڪرڻ جو الزام انصاف جي گهر.انهي سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ٻورلي محمود شاه ڙهو مٺڙائو آريسر جي رهواسين سروڻِ ڀيل شوڪت سمون ڪريم ڏنو سمون،ڦ ڦوٽوڀيل ڇندن نورمحمد جيتو احمد سمون ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته سماجي تنظيم  ٿرديپ مائڪرو فناس جي ڪارڪنن اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي ا سان گذريل سال ڄاڻايل تنظيم کان قرض کنيو هو جنهن مان چوپايو مال ورتو ڏڪار سبب هڪ ته ڪجھ چوپايو مال مري ويو ٻيو  وري  ڪجھ اسان ٻچن جو پيٽ پالڻ لاء وڪرو ڪيو اسان سمجهيو ته مزدوري ڪري وقت تي قسطون ادا ڪري وينداسين پر لاڪ ڊائون سبب مزدوري به ڪري نه سگهياسين هن وقت اسان وٽ ٻچن جو گذر سفر ڪريون ايترو پيسو نه آهي پر  سماجي تنظيم جو عملو قرض جون  قسطون وٺڻ لاء هر روز اسان جي  گهرن تي اچي ڌرڻا  هڻي ويهي رهي ٿو ۽  تنگ ڪري رهيو آهي اسان کي ته تنگ ڪن پيا پر جيڪي اسان ۾ ضامن آهن انهن جي گهرن تي وڃي انهن کي گڏ وٺي هر روز اچن ٿا جنهن سبب اسان گهرن کان ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي اسان ڊي سي ٿرپارڪر سميت وس وارن کي درخواستون ڏنيون آهن ته  انهن کان لکرايو ته قسطن ۾ رعايت ڏني  وڃي  پر ٿرديپ جو عملو ڪجھ به ٻڌڻ لاء تيار نه آهي هنن چونڊيل نمائندن سميت اختيارين کي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته  نوٽيس وٺي قسطون معطل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو