ننڍي عمر جي شادي گهوٽ ڪنوار گرفتار

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڏيپارجه لڳ ڳوٺ ٻانڀڻ جي رهواسڻ ناري مسمات شازيه آرائين سيٺارجا ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته سندس مڙس شهباز خان بگٽي منهنجي ڌي 12 سالا عائشه جي شادي زبردستي پنهنجي ڀائيٽي 15 سالا سفير ولد جابر خان بگٽي سان ڪرائي رهيو آهي اهڙي اطلاع تي سيٺارجا پوليس ڳوٺ ٻانڀڻ پهچي نڪاح جي رٿيل تقريب تي ڇاپو هڻي ننڍي عمر جي گهوٽ ۽ ڪنوار کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي نينگري جي والد شهباز خان کي گرفتار ڪري ورتو ان موقعي تي ناري شازيه آرائين پوليس ۽ صحافين کي ٻڌايو ته هو حيدرآباد ويل هئي ته سندس پويان بغير ڪنهن اطلاع ۽ صلاح مشوري جي سندس مڙس شهباز خان سندس نياڻي جو نڪاح پنهنجي ننڍي عمر جي ڀائيٽي سفير بگٽي سان زبردستي ڪرايو پئي. ايس ايڇ او سيٺارجا محمد اسلم لغاري ٻڌايو ته ناري شازيه جي فرياد تي ننڍي عمر جي جوڙي کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو ويو آهي جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو