نوشھرو فيروز(رپورٽ منظور ملڪ)پڊعيدن جي ڳوٺ چيھو جي رھواسي ناري مڙس سميت ڀرياسٽي پريس ڪلب پھچي وئي، ناري غلام صغران سولنگي دانھيون ته سندس جا مائٽ مڙس ۽ ٻين گھرڀاتين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تحفظ ڏنو وڃي. خبر موجب پڊعيدن جي ڳوٺ چيھو جي رھواسڻ ناري غلام صغران سولنگي پنهنجي مڙس غلام علي سولنگي سان گڏ پريس ڪلب ڀرياسٽي آڏو احتجاج ڪندي دانھيون ته منھنجا مائٽ چاچو عاشق سولنگي‚ وقار سولنگي ۽ نواب سولنگي مونکي ۽ منهنجي مڙس ۽ ٻارڙن کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آهن. ھن چيو ته مان پنهنجي راض خوشي سان غلام علي سولنگي سان شادي ڪئي آھي جنهن کان پوءِ منهنجا چاچا جان جا ويري بڻجي ويا آھن. ھنن ايس ايس پي نوشھروفيروز الطاف حسين لغاري‚ ڊي آئي جي شھيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن عملدارن کان تحفظ جي گھر ڪئي آهي.










