سنڌ جي اسپتالن ۾ ملازمن جو احتجاج جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان) رسڪ الائونس جي بحالي سميت مختلف مطالبن جي منظوري لاءِ مختلف شهرن جي سرڪاري اسپتالن ۾ روزانو 2 ڪلاڪ ڪم ڇڏ هڙتال جو سلسلو جاري، ملازمن مطالبا تسليم نه ڪرڻ تي مڪمل بائيڪاٽ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ***ٺٽو مان جاويد لطيف ميمڻ موجب گرينڊ ھيلٿ الائينس جي سڏ تي صحت کاتي سول اسپتال مڪلي جي ملازمن پاران پنھنجي جائز مطالبن سروس اسٽرڪچر، ٽائم اسڪيل، رسڪ الائونس، رھيل 30 سيڪڙو ھيلٿ پروفيشنل الائونس، ريڪوري ليٽر واپس وٺي، پروموشن سميت جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف، نرسز ۽ ٻئي عملي کي پوليس پاران تشدد جو نشانو بنائڻ خلاف ڇھين ڏينھن به سول اسپتال مڪلي جي او پي ڊي ۾ 2 ڪلاڪ ٽوڪن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ملازم اڳواڻن حاجي اشرف خشڪ، ڊاڪٽر محمود، عبدالڪريم ڀاند، حاجي اسد خشڪ، حاجي ابراھيم سميجو، لياقت عباسي، گڊو خشڪ، معشوق پنھور، شاھنواز خشڪ، ڊاڪٽر ذوالفقار، ڊاڪٽر شيام ڪمار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته سندن جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ مطالبن جي منظوري تائين احتجاج جاري رهندو.

Health workers protest, Photo Sindhyar

***نوشھرو فيروز  مان منظور ملڪ موجب گرينڊ ھيلٿ الائنس سنڌ جي احتجاج جي سڏ تي پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن ضلع نوشھروفيروز پاران سڄي ضلعي جي اسپتالن ۾ ٻن ڪلاڪن لاءِ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري مظاھرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن اشرف قريشي سعود ٻوھيو سلطان جوڻيجو ياسين چنڙ غلام رضا ۽ ٻين چيو ته گذريل ڏينھن GHA جي قيادت جي سيڪريٽري صحت سان رڳو رسڪ الائونس واري ايجنڊاء تي ڳالھيون ٿيون جيڪي مثبت رھيون ۽ ان فنانس ڊپارٽمينٽ کي خط لکي چيو آھي ته صحت کاتي جي سمورن ملازمن کان واپس ورتل رسڪ الائونس ٻيھر ڏنو وڃي جڏھن ته ملازمن جي ٻين مطالبن بابت چيو ويو ته چارٽر آف ڊمانڊ تي وزيراعليٰ جي ٽيم اڱاري ڏينھن ڳالھيون ڪندي تيستائين سڄي سنڌ جي اسپتالن ۾ ٻه ڪلاڪ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ جاري رھندو اڳواڻن چيو ته GHA سنڌ جي حڪم تي عمل جاري آھي جيڪڏھن وزيراعليٰ سنڌ مطالبا تسليم نه ڪيا ته ھڪ ڀيرو ٻيھر او پي ڊيز ۽ ايمرجنسي جو بائيڪاٽ جاري رکنداسين اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جلسن ۽ جلوسن تي اربين روپيا خرچ ڪري رھي آھي پر سرڪاري ملازمن کي پگهار ۽ مراعتون ڏيڻ کان لاچاري ۽ مجبوري ڏيکاري رھي آھي جيڪا سرڪاري ملازمن سان سراسر ناانصافي آھي ۽ ڪنھن به صورت قبول نه ڪئي ويندي اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڏنل چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل ڪري فوري طور عمل ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو