بنا اطلاع پرڏيهي مهمان رهائڻ تي هوٽل مينيجر گرفتار

سانگهڙ (رپورٽ نادر بڙدي) ميزبان ھوٽل جي مينيجر کي پوليس پرڏيهي شھري کي بنا اطلاع جي ترسائڻ تي گرفتار ڪيو آهي،  سانگھڙ شھر جي مک علائقي ميرپورخاص چوڪ تي قائم ميزبان ھوٽل ۾ سوئيٽزرلينڊ مان آيل ھڪ پرڏيهي شخص کي ترسائڻ تي پوليس ھوٽل جي مئنيجر عمران ميمڻ کي گرفتار ڪري مٿس ايس ٽي آر 11 ايڪٽ تحت ايف آئي آر داخل ڪري کيس حراست ۾ ورتو آهي.سوئيٽزرلينڊ جي شھري لوئيڪ ٽورني کي ٻن ڏينھن تائين ھوٽل تي ترسايو ويو پر ان جي ٿاڻي تي انٽري نه ڪرائي وئي جيڪو قانوني طور ڏوھ آهي ان ڪري اسان ھوٽل مينيجر کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو آهي، ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پرڏيھي شخص ڳوٺاڻن سان رابطو ڪيو جنھن ٻه ڏينهن چوٽياريون ڊيم جي سير ڪرائڻ بعد کيس ھوٽل تي ترسايو.پوليس جو چوڻ آهي ته هو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو