ثقافت کاتي وساري ڇڏيو، حمل فقير کي ڀيٽا پيش

سڪرنڊ )رپورٽ راج ڪماراوڏ(سنڌ جي ڀلوڙ سرائيڪي ٻولي جي شاعر حمل فقير جو 146 هون عرس مبارڪ جي موقعي تي ايس يو پي پاران سندس آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي, دعا پڻ گهري. درگاه ڀرسان کيس ڀيٺا ڏيڻ جي لاء تقريب پڻ ٿي گذري, اديبن شاعرن پاران لفظن ۽ شاعري ذريعي ڀيٽا پيش ڪئي وئي,  تقريب کي ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ فلڪ شير اوڏ خطاب ڪندي چيو ته حمل پنهنجي شاعري ۾ ماروئڙن جي ڳالهه ڪئي افسوس ٿئي ٿو ته حڪومتي اڳواڻ پنهنجي دورن تي ڪروڙين روپيا خرچ ڪندا آھن پر شاعرحمل کي وساري ڇڏيو اٿن سندس مزار جو ڪم ٽن سالن کان اڌ ۾ رهيل آھي اڄ افسوس آھي جو حمل جي عرس مبارڪ کي به وساريو ويو آھي .سيد انور علي شاه چيو ته حمل جي شاعري انسانيت جو درس ڏي ٿي سندس شاعري ۾ به ڌرتي جي ڳالهه ڪئي آھي اسان جي ڌرتي خوشحال رهي آھي هميشه سنڌ تي ڌارين  جي اک رهي آھي اسان جي ڌرتي تي هٿيارن بجائي امن ۽ محبت ۽ فن مليو آھي شاعر حمل فقير جي ڏھٽي شاعر فقير قاسم لغاري چيو ته ڏک ٿئي ٿو ته شاعر حمل فقير کي حڪومت وساري ڇڏيو آھي هن سال به حڪومت ۽ ثقافت کاتي جي نمائندي پاران ادبي ڪانفرنس نه وري ڪو چادر چاڙهي وئي آھي سوشل ورڪر نياز لاشاري چيو ته سيد امداد محمد شاه جي  ڪوشش سان حمل فقير تي ميلا لڳايا ويا سندس شاعري ۾ جرئت هئي.  شاعر قلندر بخش ملاح چيو ته حمل فقير جي عرس مبارڪ جون تاريخون ثقافت کاتي پاران مٽائي حمل سان مذاق ڪيو پيو وڃي جيڪو برداشت جوڳو ناهي ان موقعي تي  ,ايس يو پي اڳواڻ علي بخش ڪيريو, شهمير جمالي, قربان مگسي  ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو, ان موقعي تي شاعر قاسم لغاري, شاعر قلندر بخش ملاح ,شهمير جمالي حمل فقير جي شاعري پڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو