سنتوش وڻ ۾ رسو ٻڌي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي) بلڙي شاھ ڪريم ڀرسان آبادگار ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھيرو ڪولھي ۾ نوجوان 25 سالا سنتوش ڪولھي پٽ عالم ڪولھي گھرن ڀرسان بيٺل وڻ ۾ مبينا رسو ٻڌي ڦاھي تي لٽڪي خودڪشي ڪري ڇڏي اطلاع تي آبادگار پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء رورل ھيلٿ سينٽر کڻائي آئي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏھن ته خودڪشي جو ڪارڻ گھرو پريشاني ٻڌائي پئي وڃي پوليس جو چوڻ آهي ته  وارثن موجب نوجوان جو ذھني توازن درست نه ھو.

پهنجو تبصرو موڪليو