ڪورونا سبب بلوچستان ۾ به تعليمي ادارا بند

ڪوئٽا (ويب ديسڪ) بلوچستان حڪومت ڪورونا وائرس جا ڪيس سامهون اچڻ بعد هڪ يونيورسٽي ۽ 10 اسڪول بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. صوبائي حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ان جي تصديق ڪئي آهي.

سردار بهادر خان وومن يونيورسٽي ۾ 21 سيپٽمبر کان ٿيندڙ ڪلاس به ملتوي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ڊيرا بگٽي، ڪوئٽا، زوب ۽ گوادر ۾ اسڪول بند ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته سنڌ حڪومت 21 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ڪلاس وارا اسڪول کولڻ جو فيصلو هفتي تائين ملتوي ڪيو هو. جنهن تي وفاقي حڪومت ناراضگي جو اظاهر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو