مورو (ن سنڌيار)قومي شاھراھ تي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين جي چيڪنگ دوران ڪي پي ڪي جي علائقي نوشھرہ مان گھران ڪاوڙجي نڪتل ٽن ٻارن کي موٽروي پوليس مورو ھٿ ڪري ورتو، ان سلسلي م موٽروي پوليس انسپيڪٽر ايڊمن محبوب الاھي، مظھر ملڪ، جواد حُسين ٻڌايو ته اسان کي فون ذريعي اطلاع مليو ته ڪي پي ڪي جي علائقي نوشھرہ مان ٽي نوجوان عثمان ولد بيان الدين، منصور ولد جان علي، عبدالله ولد ظفر علي پٺاڻ گھران ڪاوڙجي ڪراچي طرف نڪري آيا آھن جنھن تي اسان مورو ٽول پلازہ وٽ ايندڙ ويندڙ مسافر ڪوچن جي تلاشي ورتي جنھن دوران ٽئي نوجوان اسان کي مليا ۽ اسان اھڙو اطلاع سندس وارثن کي ڏنو جيڪي پھچي ٽنھي نوجوانن کي پاڻ گڏ پرچائي وٺي ويا آھن ء خوشي جو اظھار ڪندي موٽروي پوليس جو شڪريو ادا ڪيو.










