ڪينسر سان جهيڙيندڙ هالي ووڊ اداڪارا ڪيلي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)مشهور هالي ووڊ اسٽار جان ٽرولٽا جي گهر واري اداڪارا ڪيلي پرسٽين 2 سالن کان ڪينسر ۾ مبتلا رهڻ بعد سومر تي وفات ڪري وئي. سندس مڙس جان ٽرولٽا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي زال جي هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن لکيو ته منهنجي خوبصورت زال ڪيلي ڇاتي جي ڪينسر جي موذي مرض خلاف 2 سالن کان جاري جنگ هارائي ويئي.

Photo Screen grab

هن سمورن ڊاڪٽرن جو ٿورو ادا ڪيو جن سندس زال جي سار سنڀال لڌي ۽ ان سان گڏ ئي هن پنهنجي دوستن ۽ پيارن جو به ٿورو ادا ڪيو جيڪي هن مشڪل وقت ۾  ساڻس گڏ هئا.  ياد رهي ته اداڪار جان ٽروولنا ۽ ڪيلي پرسٽن کي ٻن ڌيئرن جي اولاد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو