پاڻي جي کوٽ خلاف صوفياڻيو راڳ ڳائي انوکو احتجاج

گلاب لغاري(شاھنواز لغاري) صابن دستي روڊ تي ڦليلي ڪينال مان نڪرندڙ مراد واھ جي مراد ڊسٽري شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن ھارين مقامي صوفي فنڪارن جو معصوم ٻارن سميت احتجاجي مظاهرو. نٽهن اس ۾ مقامي صوفي فقيرن راڳ ڳائي آبپاشي عملدارن خلاف انوکو احتجاج ڪيو. محمد صديق لغاري محمد موسي لغاري صوفي فنڪار آچر فقيرضلع ٽنڊوالھيار ميمبر محمد جمن لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو. مقامي صوفي فنڪارن آچر فقير٠ فقير نواز نانگو ۽ ساٿين صوفياڻا ڪلام ڳائي پاڻي کوٽ خلاف انوکو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو آبپاشي ايس ڊي او ۽ ٻي عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ھڪ ڪلاڪ تائين صابن دستي روڊ کي بند ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن چيو ته گذريل ھڪ مھيني کان ڊسٽري جي پوڇڙي ۾ پاڻي ناھي پھتو جنهن ڪري اسان جا پوکيل سوين ايڪڙ مختلف زرعي فصل ۽ ٽماٽر ۽ بصر جا ٻيجارا پڻ سڪي تباه ٿي ويا آھن ھنن آبپاشي ايس ڊي او تي الزام ھنيو ته شاخ جي پوڇڙ جي حصي جو پاڻي منڍ جي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري رھيو آھي جنهن ڪري اسان کي لکين رپين جو نقصان ٿي رھيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو