آسڪر بعد گولڊن گلوب ايوارڊ جي تقريب به ملتوي

ڪراچي (ويب ديسڪ)عالمي وبا ڪرونا وائرس سبب فلمي دنيا جي نالي واري ايوارڊ آسڪر کان پوءِ مشهور ايوارڊ جو اعزاز رکندڙ گولڊن گلوب ايوارڊ جي تقريب پڻ 2 مھينن لاءِ ملتوي ڪئي وئي آهي. غير ملڪي خابرو اداري موجب گولڊن گلوب ايوارڊ جي تقريب ھر سال جنوري جي شروعات ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي جنهن کانپوءِ سال جون ٻيون تقريبون شروع ڪيون وينديون آهن. بالي ووڊ فورين پريس ايسوسيئيشن (ايڇ ايف پي اي) مطابق گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب جي منتظمين پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته ايندڙ تقريب فيبروري جي آخر يعني ايندڙ سال 2021 جي 28 فيبروري تي منعقد ڪئي ويندي.ياد رهي ته ڪورونا وائرس سبب گولڊن گلوب ايوارڊ کان پھريان ھلندڙ مھيني جي 16 جون تي آسڪر اڪيڊمي پاران ايوارڊ تقريب 2 مھينن لاءِ ملتوي ڪئي وئي هئي.آسڪر ايوارڊ جي تقريب 28 فيبروري تي منعقد ٿيڻي هئي مگر ھاڻي 2 مھينن لاءِ ملتوي ٿيڻ بعد 25 اپريل 2021 تي منعقد ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڪورونا وائرس سبب ڪانز فلم فيسٽيول سميت ٻيا ڪيترائي فلمي ميلا ۽ تقريبون پڻ ملتوي ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٻئي پاسي گذريل 4 مھينن کان دنيا اندر فلمن لاءِ شوٽنگ ۽ سندن رليز پڻ ملتوي ڪيون ويون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو