ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب 22 ۽ 23 مارچ جي وچ واري رات 12 هين وڳي کان ٻن هفتن لاءِ لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي،کاڌي پيتي جي ضروري شين کانسواءِ هر قسم جو ڪاروبار بند رهندو، گهر جو سامان وٺڻ لاءِ ٻن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻاهر اچڻ جي اجازت هوندي، ڪار ۾ ٻن ماڻهن کان وڌيڪ سفر نٿو ڪري سگهجي. جيڪو جتي آهي اهو اتي رهندو، بيمارن ۽ مجبور ماڻهن کي ٻاهر نڪرڻ جي اجازت هوندي انهن کي شناختي ڪارڊ گڏ رکڻو پوندو، سرڪاري ۽ نجي آفيسون ۽ ڪاروبار بند رهندو. وفاقي حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو نه ڪيو آهي. سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن م جڳهه جڳهه تي پوليس تعينات آهي. سنڌ حڪومت 15 ڏينهن جي لاڪ ڊائون ۽ فوج جي مدد وٺڻ لاءِ به غور ڪري رهي آهي. دنيا ۾ ڪورونا وائرس ڦهلجي رهي آهي وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 3 لک کان وڌي ويو آهي ۽ فوت ٿيندڙن جو انگ به 13 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي. 22 مارچ تي شام 7 وڳي تائين جي اپ ڊيٽ موجب دنيا ۾ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو تعداد 318556 ٿي چڪو هو جڏهن ته فوتين جو تعداد 13671 ٿي ويو آهي. جڏهن ته وائرس مان ٺيڪ ٿيندڙن جو انگ 96011 ٿي ويو آهي. دنيا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 64 ماڻهو مري ويا آهن جن مان 372 ماڻهو اسپين ،ايران 129، آمريڪا ۾ 47 ماڻهو، 43 هالينڊ، جرمني 9، بيلجيم 8، برطانيا 7، چين ۾ 6 ڏکڻ ڪوريا ۾ 2، ملائيشيا ۽ فلپائن ۾ هڪ هڪ شامل آهن. وائرس ۾ مبتلا ماڻهن مان 10142 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ موت اٽلي ۾ ٿيو آهي جن جو تعداد 4825 آهي. ٻئي نمبر تي چين آهي جتي 3261 ماڻهو مري ويا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ اطلاعات جي مشير اجمل وزير موجب هڪ وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيو آهي جنهن بعد صوبي ۾ وائرس سبب مري ويلن جو انگ 3 ٿي ويو آهي هڪ ڪراچي ۾ فوت ٿيو هو ۽ پاڪستان ۾ وائرسسبب هن مهل تائين 4 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 714 آهي جن مان سنڌ م 292 ماڻهو شامل آهن. بلوچستان ۾ 103، پنجاب ۾ 152، ڪي پي 31، گلگت 55، اسلام آباد 10۽ ڪشمير ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهن. هوڏانهن بلوچستان جي چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته هن وقت تفتان بارڊر تي 500 ماڻهن کي قرنطينه ۾ رکيو ويو آهي ۽ ايندڙ چند ڏينهن ۾ 2000 ماڻهو ٻيا پهچڻ وارا آهن. جن لاءِ ڪوئٽا کان ٻاهر خيمه بستي ٺاهي پئي وڃي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو