ڪورونا سبب ميوزڪ انڊسٽري به متاثر، فنڪارن جو نئون طريقو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ڀر ۾ ڪورونا وائرس زندگي جي هرشعبي کي متاثر ڪيو آهي ۽ ان جي اثرن کان انٽرٽينمينٽ جي دنيا به ناهي بچي سگهي. صحت جي عالمي اداري ڊبليو ايڇ او ۽ مختلف ملڪن جون حڪومتون ماڻهن جي هجوم کان پري رهڻ جي ترغيب ڏئي رهيون آهن ۽ اهڙي صورتحال سبب ميوزڪ جي دنيا به متاثر ٿي آهي. ڪيترن گلوڪارن پنهنجا وڏا وڏا شو رد ڪري ڇڏيا آهن پر پنهنجي مداحن کي خوش ڪرڻ لاءِ هو سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي رهيا آهن. انسٽا گرام، فيسبڪ ۽ ٽوئٽر تي مختلف جڳ مشهور گلوڪار پنهنجا گيت اپ لوڊ ڪري رهيا آهن ۽ ڪجهه لائيو شو به ڪن پيا. ٽيڪنالوجي سڄي دنيا کي بدالئي ڇڏيو آهي. برطانوي راڪ بينڊ ڪولڊ پلي جي مرڪزي ڪردار ڪرس مارٽن 30 منٽن تائين انسٽاگرام تي لائيو ڳايو. هن “ٽربل” ۽ “اسڪاءِ ود فل آف اسٽارز” جي ٻولن وارا گيت ڳايا. هن چيو ته ڪيترو سٺو هجي ها جو سڀ ساٿي گڏ هجون ها پر هرڪو پنهنجي ملڪن ۾ آهي ۽ مون فيصلو ڪيو ته مداحن سان رابطو ڪجي.

پهنجو تبصرو موڪليو