ڪراچي (نمائندن وٽان) پ ٽ الف جي اڳواڻ جو والد ٽنڊو محمد خان م گذاري ويو. شڪارپور ۾ ميکا برادري جو چڱو مڙس فوت ٿي ويو. *** شڪارپور مان عبدالخالق سومرو موجب ٽنڊو بهار واسي ميکا برادري جو چڱو مڙس محرم علي ميکو ابڙو ڪجھ وقت بيمار رهڻ بعد وفات ڪري ويو، جنهن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو،جڏھن ته سندس جنازي نماز ۾ پ پ اڳواڻ ذوالفقار علي ڪماريو سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.***ٽنڊومحمدخان مان لال بخش سٺيو موجب پ ٽ الف سنڌ جي صدر حاجي شفيع محمدسٺيو جو والد محمداسحاق سٺيو وفات ڪري ويو سندس جنازه نماز اڱاري جي ڏينهن 3 بجي سندس اباڻي ڳوٺ ڀليڏنو سٺيو ۾ ادا ڪئي وئي. جنھن م پ ٽ الف سنڌ ڀر جي اڳواڻن سميت اھم شخصيتن ايم پي اي عبدالڪريم سومرو، ايم پي اي اعجازشاھ بخاري پي پي پي اڳواڻن الھرکيوعرف بابو سٺيو حاجي عباس سٺيو سابق ايم پي اي حاجي امين لاکو، سابق ايم پي اي عبدالقادرسومرو کان سواءِ صحافين سماجي اڳواڻن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.










