سائنسي، ثقافتي، گلن جي نمائش ۽ ڪتابي ميلي جو افتتاح

نوابشاهه) اي ڪي ڏاھري) ضلعي انتظاميه پاران لڳايل ٽن ڏينهن واري سالياني ايڇ ايم خواجا گلن جي نمائش،سائنس،آرٽ ،ثقافتي ۽ ڪتابي ميلو ايڇ ايم خواجا هاءِ اسڪول ۾ شروع ٿي ويو .جنهن جو افتتاح ميمبر صوبائي اسيمبلي ۽ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر ڪيو .ان موقعي تي ايم پي اي غلام قادر چانڊيو، اڳوڻي صوبائي وزير قانون ضياءَ الحسن لنجار،ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھه ۽ ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر، افتاب زرداري، سليم جلباڻي، محمد عظيم مغل ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. تعليم کاتي جي تعاون سان شروع ٿيل گلن جي نمائش،ڪتابي ميلي سان گڏ هٿ سان ٺهيل شين سميت مختلف ادارن ۽ اسڪولن پاران لڳايل سائنسي ،ثقافتي،کاڌي پيتي جا اسٽال ۽ ٻارڙن جي لاءِ جهولن ۽ فن لينڊ جو انتظام ڪيو ويو آهي نمائش جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميمبر صوبائي اسيمبلي فريال ٽالپرميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ايڇ ايم خواجا جون هن علائقي واسين لاءِ تعليم سان گڏ ٻيون تمام گهڻيون خدمتون آهن ضلع انتظاميه پاران سندس نالي سان گلن جي نمائش لڳائي عوام کي تفريح فراهم ڪري هڪ بهترين ڪم ڪيوآهي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي خواهش آهي ته عوام کي پرسڪون ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام هر سال ٿيندا رهن گلن جي نمائش سان گڏ ثقافتي ميلو لڳائڻ سان نوجوانن کي سنڌ جي ثقافت بابت ڄاڻ ملندي هن وڌيڪ چيو ته اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته گلن جي نمائش سان گڏ آرٽ،سائنسي ۽ ڪتابي ميلو لڳايو ويو آهي جنهن سان عوام کي تفريح سان گڏ معلومات پڻ ملندي.ان موقعي تي ايم پي اي فريال ٽالپر گلن،آرٽ،ثقافت جي استالن جو دورو ڪيو ۽ ٻوٽو پڻ پوکيو.گلن جي نمائش ۾ پاڪستان نيوي،ائيرفورس، صحت،زراعت،پاپوليشن ۽ اطلاعات کاتي سميت مختلف کاتن پاران عوام کي تفريح ۽ ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽال پڻ لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو