تيل جون قيمتون گهٽتائي باوجود مهانگائي  ۾ واڌ

تيل جون قيمتون گهٽتائي باوجود مهانگائي ۾ واڌ

محمد اسماعيل لانگاھ
دنيا جي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عام ماڻهوءَ کي مهانگائيءَ مان ڇوٽڪارو ملندي نظر نٿو اچي. اصولي طور تي جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جا اگهه گهٽ ٿين ٿا ته ان جو سڌو سنئون اثر ٽرانسپورٽ، بجلي، صنعت، زراعت ۽ روزمره استعمال جي شين جي قيمتن تي پوڻ گهرجي، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون گهٽجڻ سان اميد پيدا ٿئي ٿي ته هاڻي گهٽ ۾ گهٽ کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين، ميون، ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۽ ٻين ضروري شين جا اگهه به گهٽ ٿيندا، پر حقيقت اها آهي ته عام ماڻهو اڃا تائين مهانگائيءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو آهي. بازارن ۾ خريداري ڪرڻ وقت ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو عوام جي زندگيءَ سان ڪو واسطو ئي ناهي.سوال اهو آهي ته جڏهن ٽرانسپورٽ جا خرچ گهٽجڻ گهرجن، مال برداري سستي ٿيڻ گهرجي ۽ شين جي پيداوار تي ايندڙ خرچن ۾ گهٽتائي اچڻ گهرجي ته پوءِ مارڪيٽ ۾ شين جا اگهه ساڳيا ڇو آهن؟ آخر تيل سستو ٿيڻ جو فائدو عام صارف تائين ڇو نٿو پهچي؟
ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهم سبب اهو آهي ته اسان جي مارڪيٽ ۾ قيمتون وڌائڻ ته آسان آهي، پر هڪ ڀيرو وڌيل قيمتون گهٽائڻ لاءِ ڪو اثرائتو نظام نظر نٿو اچي. واپاري ۽ ڪاروباري طبقو تيل يا ٻين خرچن ۾ واڌ جو جواز ڄاڻائي شين جا اگهه فوري طور وڌائي ڇڏي ٿو، پر جڏهن خرچ گهٽ ٿين ٿا ته انهن جو فائدو صارف تائين پهچائڻ ۾ دلچسپي نٿي ورتي وڃي.
ٻيو اهم مسئلو حڪومت جي ڪمزور نگراني ۽ قيمتن تي ضابطي جي کوٽ آهي. پرائس ڪنٽرول جا ادارا موجود هجڻ باوجود بازارن ۾ سرڪاري اگهن تي عمل ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي. نتيجي ۾ هر دڪاندار پنهنجي مرضيءَ سان اگهه مقرر ڪري ٿو ۽ نقصان هميشه عام ماڻهوءَ کي برداشت ڪرڻو پوي ٿو.ان کان علاوه بجليءَ جا اگهه، گئس جا بل، ٽيڪس، ڪرنسيءَ جي قدر ۾ تبديليون ۽ پيداوار جا ٻيا خرچ به مهانگائيءَ تي اثرانداز ٿين ٿا. تنهنڪري رڳو تيل سستو ٿيڻ سان سموري مهانگائي ختم نٿي ٿي سگهي، پر ان جي باوجود تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو مناسب فائدو عوام تائين ضرور پهچڻ گهرجي.حڪومت کي گهرجي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي کان پوءِ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن، زرعي خرچن، کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين ضروري شين جي اگهن جو جائزو وٺي. لاڳاپيل ادارن کي فعال بڻائي بازارن ۾ اگهن جي نگراني ڪئي وڃي ۽ ناجائز منافعو ڪمائيندڙن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي.ڇو ته عوام لاءِ اصل اهميت رڳو پيٽرول سستو ٿيڻ جي اعلان جي ناهي، پر ان ڳالهه جي آهي ته ان جي نتيجي ۾ اٽي، کنڊ، گيهه، دالين، ڀاڄين ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جون قيمتون به گهٽ ٿين.
آخر ۾ سوال اهو ئي آهي ته جيڪڏهن تيل جون قيمتون گهٽجڻ باوجود عام ماڻهوءَ جي گهر جو خرچ گهٽ نٿو ٿئي ته پوءِ ان گهٽتائي جو فائدو آخر ڪنهن کي ملي رهيو آهي؟
مهانگائيءَ کان پريشان عوام کي انگن اکرن ۽ اعلانن کان وڌيڪ عملي رليف جي ضرورت آهي. حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته عوام جي معاشي خوشحاليءَ جو اندازو صرف پيٽرول جي قيمت مان نه، پر عام ماڻهوءَ جي خريداريءَ جي سگهه ۽ سندس گهر جي بجيٽ مان لڳايو ويندو آهي. جيستائين تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عام ماڻهوءَ جي دسترخوان تائين نه پهچندو، تيستائين مهانگائيءَ خلاف ڪاميابيءَ جون دعوائون عوام لاءِ رڳو دعوائون ئي رهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو