پيپلز پارٽي جو موقف ۽ سنڌ جي ورھاست

پيپلز پارٽي جو موقف ۽ سنڌ جي ورھاست

تحرير- نديم علي خواجه
وفاقي حڪومت جي اھا ئي ڪوشش آھي ته ملڪ کي وڌيڪ يونٽن ۾ تقسيم ڪيو وڃي، مسلم ليگ نواز سميت ملڪ جي ڪيترين ئي سياسي پارٽين جي اھا تجويز پڻ سامھون اچي چڪي آھي، انھن پارٽين ۾ متحده قومي مومنٽ، جماعت اسلامي پڻ شامل آھن، جنھن لاء ھوم ورڪ پڻ جاري آھي، پر پيپلز پارٽي انھي تجويز جي سخت مخالفت ڪري رھي آھي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري ڪجھ ڏينھن پھرين پريس ڪلب ڪراچي ۾ کليل طور انھي تجويز جي مخالفت ڪري ڇڏي آھي، بلاول ڀٽو زرداري اھو واضح ڪيو آھي ته ڪنھن به صورت ۾ سنڌ جي عوام صوبي جي تقسيم نه چاھيندي، محترم بلاول ڀٽي جي انھي بيان ملڪ جي سياست ۾ ھڪ نئين ھلچل پيدا ڪري ڇڏي آھي، حڪومتي حلقا پڻ پريشان نظر اچي رھيا آھن، پيپلز پارٽي جي چيئرمين حقيقت ظاھر ڪري ڇڏي آھي، سنڌ اسيمبلي ڪيترائي ڀيرا سنڌ صوبي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪرڻ جي منصوبي کي اڪثريت سان مسترد ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ اسيمبلي ۾ موجود اسيمبلي ميمبر نه صرف پنھنجي حلقي جي نمائندگي ڪن ٿا پر ھو سنڌ جي پڻ نمائندگي ڪري رھيا آھن، ھو چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته سنڌ جي وجود ۾ ئي سندن وجود آھي، جيڪڏھن سنڌ کي تقسيم ڪري ٻن حصن ۾ ورھايو ويو ته مستقبل ۾ سنڌ جي جاگرافي حد ختم ٿي ويندي، ۽ سنڌ جي جيڪا تاريخ مورخين لکن ٿا، تنھن کي پڻ نقصان پھچندو، انھي حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگھجي ته سنڌ ۾ ماضي اندر پن لساني جھيڙا ٿيا آھن، جنھن ۾ ڪيترائي بيگناھ مارجي چڪا آھن، سنڌ ۾ جڏھن مھاجر قومي مومنٽ جو بنياد وڌو ويو تڏھن کان ئي نسلي نفرت جو بنياد پھجي چڪو ھو، مھاجرن جو شروع کان ئي اھو مطالبو ھو ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري شھري آبادي وارو حصو مھاجرن جي حوالي ڪيو وڃي، ۽ انھي صوبي کي جناح پور صوبي جو نالو ڏنو وڃي، ڳوٺن وارن علائقن کي سنڌ تائين محدود ڪيو وڃي، پاڪستان جي تقسيم وقت جڏھن ڀارت جي مسلمانن لڏ پلاڻ ڪري پاڪستان جو رخ ڪيو ته پنجاب انھن مھاجرن کي پناھ ڏيئڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پنجاب جو اھو ئي چوڻ ھو ته پاڪستان اڃان به اڳتي آھي، تنھنڪري مھاجرن جي اڪثريت سنڌ جو رخ ڪيو، سنڌ جي وڏيرن انھن مھاجرن جو شاندار استقبال ڪيو، ۽ پنھنجي ملڪيتن مان پڻ انھن مھاجرن کي حصو ڏنو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مھاجر ڦھيلجي ويا، جڏھن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سميت وڏن شھرن ۾ ھو اڪثريت سان رھڻ لڳا، سنڌ جي اصلي رھاڪو غير مسلم جن جون سنڌ تمام گھڻيون ملڪيتون ھنيون، انھن ته پڻ مھاجرن جو حق تسليم ڪيو ويو، اھڙي طرح سنڌ جي شھرن ۾ ھنن جي اڪثريت ٿي ويئي، محترمه بينظير ڀٽو شھيد جي پھرين حڪومت ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سوچيل سمجھيل منصوبي تحت لساني جھيڙا ڪرايا ويا، اندورني سنڌ جا شھري ڪراچي ۽ حيدرآباد وڃڻ کان به خوف کائيندا ھئا، سنڌين کي وڏن شھرن ۾ ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو، عورتون ۽ ٻار پڻ انھن دھشتگردن جي دھشتگردي کان محفوظ نه رھيا، مھاجر قومي مومنٽ کان پوء متحده قومي مومنٽ جو بنياد وڌو ويو، جنھن اليڪشن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ متحده قومي مومنٽ جو مڪمل ڪنٽرول رھيو، جڏھن ته وفاق ۽ سنڌ ۾ پڻ ھو اقتدار جو مزو وٺندا رھيا، ھر حڪمران متحده قومي مومنٽ جي مرڪز نائين زيرو تي حاضري ڀرڻ ايندو ھو، متحده قومي مومنٽ ھر حڪومت کي بليڪ ميل ڪري پنھنجا مفاد حاصل ڪيا، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مقامي ادارن جو ڪنٽرول پڻ انھن جي ئي ھٿن ۾ ھو، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪابه ترقي ڏسڻ ۾ نه آئي، وفاقي سرڪاري ادارن سميت سنڌ جي بلدياتي ۽ صوبائي ادارن ۾ پن متحده قومي مومنٽ جي ھزارين ڪارڪنن کي ڀرتي ڪيو ويو، جيڪي نوڪريون ڪرڻ بدران گھر ويٺي پگھار کڻندا ھئا، ۽ تنظيمي ڪم سرانجام ڏيندا ھئا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ معمول بڻجي چڪي ھئي، قانون جي بالادستي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي ھئي، پوء پيپلز پارٽي متحده جي دھشتگردي کي روڪڻ جو منصوبو جوڙيو، وفاقي حڪومت جي تعاون سان ڪراچي ۾ ريجرز مقرر ڪئي ويئي، دھشتگردن خلاف ڪاروايون تيز ڪيون ويون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ امن و امان جي صورتحال معمول تي اچڻ لڳي، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪنھن به قسم جا ترقياتي ڪم نه ڪرايا ويا، چيو پيو وڃي ته ترقياتي ڪمن لاء ملندڙ اربين روپين جي بجٽ لنڊن ۽ ٻين ۾ موڪلي ويندي ھئي، متحده قومي مومنٽ جا ڪيترائي مرڪزي اڳواڻ ٻاھرين ملڪن کان تنظيم جا ڪم ڪار ھلائيندا ھئا، جيڪڏھن متحده قومي مومنٽ پيپلز پارٽي تي الزام ھڻي ٿي ته پيپلز پارٽي 18 سالن ۾ سنڌ لاء ڪجھ به نه ڪيو آھي، پر متحده قومي مومنٽ پڻ ھميشه اقتدار جو مزو ورتو آھي، ھن ڪراچي ۽ حيدرآباد لاء ڇا ڪيو آھي، جيڪڏھن سنڌ کي ٻن حصن ۾ تقسيم به ڪيو وڃي ٿو ته ڪھڙو ثبوت آھي ته سنڌ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو، متحده قومي مومنٽ ۾ پڻ اختلافات پيدا ٿي چڪا آھن، ھن وقت به ٻه گروپ ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون آھن، ھر گروپ پنھنجو پاڻ کي طاقتور سمجھي رھيو آھي، متحده قومي مومنٽ کي پڻ خبر آھي ته سنڌ ڪڏھن به تقسيم نه ٿيندو، ھاڻي متحده عوام جي ڪلھن تي بندوق ھلائي رھي آھي، جنھن ۾ وفاق جا ڪجھ وزير پڻ شامل آھن، اھي وفاقي وزير ملڪ کي وڌيڪ حصن ۾ تقسيم ڪرڻ واري ايجنڊي تي ڪم ڪري رھيا آھن، بلاول ڀٽو زرداري انھن جي رستي جي وڏي رڪاوٽ بڻجي ويو آھي، سنڌ ۾ واقعي ترقياتي ڪم نه ھجڻ برابر آھن، سنڌ جي باشعور عوام جو پيپلز پارٽي تان اعتماد پڻ ختم ٿي رھيو آھي، پر سنڌ جي عوام اھو ڪڏھن به نه چاھيندي ته سنڌ کي تقسيم ڪري سندن وجود کي ختم ڪيو وڃي، تنھنڪري سنڌ ۽ سنڌي عوام بلاول ڀٽو زرداري جي بيان سان مڪمل طور تي متفق آھي، ۽ انھي سان گڏ بيٺل پڻ آھي، وفاق پڻ جيڪڏھن اھڙي قسم جو ڪوبه فيصلو ڪري ته کيس ھزار دفعا سوچڻ گھرجي ته انھي جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا، وفاق کي اھا به خبر آھي ته ھن وقت خيبر پختون خواه ۽ بلوچستان جا حالات بھتر نه آھن، جڏھن ته آزاد ڪشمير ۾ پڻ حڪومت مخالف تحريڪ ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، جيڪڏھن سنڌي قوم جي مرضي بغير ڪنھن به قسم جو فيصلو ڪيو ويو ته انھي جا نتيجا تمام گھڻا خراب نڪرندا، ۽ ايندڙ نسلون پڻ انھي باھ ۾ ٻرنديون رھنديون، بھتر اھو آھي ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري جي بيان کي سنجيدگي سان ڏٺو وڃي، ۽ اھڙو قدم کنيو وڃي جنھن سان نفرت بدران محبت جا گل پوکيا وڃن، ته جئين ھر سال خوشبو وارو ماحول بڻجي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو