پ پ ترميمن  ۾ ساٿ ڏئي جمهوريت جون پاڙون پٽيون

پ پ ترميمن ۾ ساٿ ڏئي جمهوريت جون پاڙون پٽيون

حيدرآباد پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر لال جروار، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سڀاني ڏاهري ۽ ڊاڪٽر ماروي سنڌو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي 26هين ۽ 27هين ترميم ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ (نواز) جو ساٿ ڏئي جمهوريت جون پاڙون پٽيون، عدليا کي اپاهج بڻائي ڇڏيو. ڇهن نون ڪئنالن جي منظوري بہ صدر زرداري ڏني ۽ ڪي پي ڪي ۾ گورنر راڄ جي پرواني تي بہ صحيح صدر زرداري ڪري چونڊيل حڪومت ختم ڪئي. پيڪا ايڪٽ ذريعي عدليه کي قيد ڪرڻ ۽ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ايس آئي ايف سي، ڪارپوريٽ فارمنگ، بورڊ آف انويسٽمينٽ امينٽ 2023 جهڙن سنڌ دشمن منصوبن ۾ به پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري رهي. هنن چيو ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ ۽ اقتدار جا مزا ماڻڻ دوران سمورن غير آئيني ڪارن قانونن ۽ آئيني ترميمن جي حمايت ڪئي. پارليامينٽ مان سمورا ڪارا قانون پيپلزپارٽي جي سهولتڪاريءَ سان منظور ڪرايا ويا. پيڪا ايڪٽ آڻي ميڊيا جي زبان بندي ڪئي وئي، جڏهن ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن ذريعي آئيني عدالتون قائم ڪري عدليه تي راتاهو هنيو ويو. ان باوجود آئيني عدالتون چئني صوبن ۾ قائم ڪرڻ بدران رڳو سنڌ ۾ قائم ڪيون ويون. اسٽيبلشمينٽ جي نمائندي محسن نقوي کي ووٽ ڏئي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ، پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن مان حصو وٺڻ، تاحيات رعايتون حاصل ڪرڻ ۽ خيبر پختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ڪري گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۾ پيپلزپارٽي مکي ڪردار ادا ڪيو. عوامي تحريڪ ان وقت ئي خبردار ڪيو هو ته غير جمهوري ۽ غير آئيني ڪارا قانون منظور ڪري پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيون آهن. اهي پارٽيون جمهوريت جون پاڙون پٽي ملڪ ۾ بدترين آمريت مڙهي رهيون آهن. عوامي تحريڪ واضح ڪيو هو ته انهن ڪارن قانونن جو پهريون وار به انهن ئي پارٽين تي ٿيندو، جيڪي اڄ اقتدار جي لالچ ۾ اهي قانون آڻي رهيون آهن. سنڌ ۾ نوان صوبا يا انتظامي يونٽ ٺاھڻ خلاف سڄي سنڌ بنا ڪنھن فرق، پارٽين، نظرين جي ھڪ آواز ۽ متحد آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو