حڪومت بلاول ڀٽو جي آئيني ۽ جمهوري موقف جو جواب ڏئي:مري

حڪومت بلاول ڀٽو جي آئيني ۽ جمهوري موقف جو جواب ڏئي:مري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته حڪومت ذاتي حملن بدران بلاول ڀٽو زرداري جي آئيني ۽ جمهوري موقف جو جواب ڏئي، اختلافِ راءِ جمهوريت جو بنيادي حق آهي، ڪو ڏوهه ناهي.طلال چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي شازيه مري سوال اٿاريو ته ڇا هاڻي جمهوري نظام ۾ اظهارِ راءِ تي به پابندي لڳائي ويندي؟ ڇا ڳالهائڻ جو حق صرف حڪومتي ميمبرن وٽ رهجي ويو آهي؟هن چيو ته نظام جي ناڪامي ۽ سياسي ري سيٽ جون ڳالهيون پيپلز پارٽي شروع ناهن ڪيون، سندس پارٽي رڳو ان معاملي تي پنهنجو جمهوري موقف پيش ڪيو آهي. شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جو مطالبو ڪري رهيو آهي، هو ڪنهن سياسي رعايت بدران پارليامينٽ ذريعي سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ نظام ۾ بهتري چاهي ٿو. سنڌ جي ورهاست ۽ صوبن جي قيام بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي سياسي جوڙ توڙ يا غير آئيني طريقن سان صوبن جي ورهاست تي يقين نٿي رکي، نون صوبن جو قيام صرف آئيني ۽ قانوني طريقي سان ٿيڻ گهرجي. هن وفاقي حڪومت کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن ارڙهين آئيني ترميم تاريخي ڪارنامو آهي ته پوءِ صوبائي خودمختياري ۽ صوبن جي مالي حقن تي سوال ڇو اٿاريا پيا وڃن؟شازيه مري دعويٰ ڪئي ته سنڌ وفاق کي لڳ ڀڳ 585 ارب رپين جي اضافي مالي مدد فراهم ڪري ٿي. هن وفاقي وزيرن تي زور ڀريو ته پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر کي جائز نمائندگي ۽ اظهار جو حق ڏنو وڃي ۽ صوبن جي وسيلن توڙي خودمختياري کي ڪمزور ڪرڻ بدران مسئلن جو آئيني حل ڳوليو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو