ميهڙ:(ن س ) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڊگري ڪاليج واري علائقي ۾ هٿياربند ڦورن نوجوان ثناالله عرف حسنين کوسو کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب نوجوان سخت زخمي ٿيڻ بعد زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس موجب نوجوان پاران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا.زخمي نوجوان کي فوري طور تعلقه اسپتال ميهڙ منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد ڏيڻ بعد سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي وئيونوجوان جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پ پ اڳواڻ ۽ واپاري نادر حسين کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪاروباري ماڻھو آهيون اسان جي ڪنهن به دشمني ناهي ميهڙ پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي .اسان جو ڳڀرو نوجوان بيگناه قتل ڪيو ويو آھي.جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي.پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ٿيڻ بعد لاش وارثن پاران انڊس هاء وي تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي ان دوران مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي .آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل نه ٿيو.










