لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر نوازشريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان صدر آزاد جمون، ڪشمير ڊاڪٽر نجيب تقي ۽ وزيراعظم آزاد ڪشمير افتخار گيلاني ملاقات ڪئي جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي ترقياتي معاملن ۽ عوامي فلاح بهبود وارن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.انهي کان علاوه انهن نئين تعمير ٿيل رڻهوعه بريام پل جو افتتاح به ڪيو. تقريبن 7 ڪلو ميٽر ڊگهي اها پل ميرپور ۾ منگلا ڊيم تي تعمير ڪئي وئي آهي جنهن کي مڪمل ٿيڻ ۾ 19 سال لڳا.ملاقات ۾ وفاقي حڪومت طرفان آزاد ڪشمير حڪومت سان ترقياتي منصوبن ۾ مڪمل تعاون ۽ ماضي ۾ خطي جي تعمير، ترقي ۾ وفاقي حڪومت جي ڪردار جو به ذڪر ڪيو ويو. انهي موقعي تي آزاد ڪشمير جي ترقي لاءِ پنجاب حڪومت جي فعال ڪردار تي به ڳالهيون ٿيون.ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي دوران ڪيل واعدن تي عملدرآمد يقيني بنائڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آزاد ڪشمير افتخار گيلاني ڪشميري عوام جي خوشحالي ۽ فلاح، بهبود جي لاءِ ترقياتي منصوبي تي ڀرپور انداز ۾ عملدرآمد يقيني بنائڻ جي ارادي جو اظهار ڪيو.ملاقات ۾ شريف ڀائرن کان علاوه پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، وفاقي وزيرن احسن اقبال، انجنيئر امير مقام، طارق فضل چوڌري، عطاءُالله تارڙ، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُالله، سينيٽر پرويز رشيد ۽ پنجاب جي سينئر وزير مريم اورنگزيب سميت ٻيا ماڻهو شريڪ هئا.صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي نمائندن تي ٻڌل ليگي وفد پارٽي اڳواڻ نوازشريف سان گڏ آيو جيڪو آزاد ڪشمير جي 2 ڏينهن جي دوري تي اڄ ئي مظفر آباد پهتو.نوازشريف جي سربراهي ۾ ليگي وفد مسلم ليگ(ن) آزاد ڪشمير جي اڳواڻ راجه بابر علي ذوالقرنين سان ملاقات ڪئي ۽ انهي جي والد اڳوڻي صدر آزاد جمون، ڪشمير راجه ذولقرنين خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪيو.مظفرآباد ۾ مصروفيتون مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوازشريف ۽ مريم نواز سياحتي هنڌ نيلم ويلي جي علائقي تاو بٽ روانه ٿي ويا جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف واپس اسلام آباد موٽي ويو.










