ڇا اوهان جا هٿ صاف آهن،خواجه آصف جو بلاول کي جواب

ڇا اوهان جا هٿ صاف آهن،خواجه آصف جو بلاول کي جواب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته جيڪو شخص انصاف جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جا پنهنجا هٿ به صاف هجڻ گهرجن، ڇا اوهان جا هٿ صاف آهن؟ ڇا اوهان کي نصيحت يا ڌمڪي ڏيڻ جو حق آهي؟ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ خواجا آصف چيو ته بلاول ڀٽو نظام کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر عوامي حمايت کانسواءِ ڪنهن به نظام کي نئين سر ترتيب نٿو ڏئي سگهجي.هن چيو ته جيڪڏهن نظام جي تباهي جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته ان سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن کي ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي، ڪو به سياستدان احتساب کان مٿانهون ناهي.خواجا آصف وڌيڪ چيو ته بلاول جي جماعت سنڌ ۾ 18 سالن کان اقتدار ۾ آهي، سنڌ ڄڻ ته جنت بڻجي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي جي حالت تي سڄي دنيا رشڪ ڪري ٿي.بچاءَ واري وزير چيو ته سياستدانن کي پنهنجي قانوني حيثيت عوام جي راءِ مان حاصل ٿيندي آهي، نظام ۾ تبديلي بابت پارليامينٽ ۾ بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان عمل ۾ عوام کي بنيادي حق کان محروم نه رکڻ گهرجي.هن چيو ته حڪمرانن وٽ موجود طاقت عوام جي امانت آهي، ڪنهن جي ذاتي ميراث ناهي، حڪمراني کي گهٽي ۽ پاڙي جي سطح تائين پهچائڻ ۽ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو