ڪراچي(بيورو رپورٽ) صوبائي وزير محنت سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ مصطفيٰ ڪمال جي پارٽي جي ڪا سياسي حيثيت ناهي، خواجا آصف کي صلاح آهي ته هو بلاول ڀٽو زرداري جي ڳالهه مڃي وٺي.پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته نون صوبن جي قيام ۽ نظام جي تباهي بابت بحث پيپلز پارٽي شروع ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو انهن معاملن تي کليل نموني پنهنجي راءِ ڏني ته سڀني جون دانهون نڪري ويون. هن چيو ته بلاول جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ لساني فسادن سبب هزارين ماڻهو مارجي ويا هئا. ڪيترن ئي سالن کان صوبي ۾ امن قائم آهي، پر ايم ڪيو ايم جي موجوده مهم سبب لساني نفرتون وڌي رهيون آهن.سعيد غني الزام لڳايو ته ايم ڪيو ايم صوبي جي معاملي کي ٻئي طرف وٺي وڃي رهي آهي ۽ نفرتون پکيڙي رهي آهي. هن چيو ته بلاول هميشه واضح ڪيو آهي ته ڪراچي سڀني جو شهر آهي.صوبائي وزير چيو ته آئين ۾ واضح ڪيل معاملن تي ريفرنڊم نٿو ڪرائي سگهجي، ايم ڪيو ايم اڳ به آئيني ترميم ذريعي آرٽيڪل 239 ۾ تبديلي جي ڪوشش ڪئي هئي، جيڪا سنڌ حڪومت ۽ اسيمبلي رد ڪري چڪيون آهن.هن چيو ته هر سياسي جماعت کي پرامن جلسن ۽ ريليز جو حق آهي، پر 29 نومبر تي ٿيندڙ سرگرمين لاءِ انتظاميا کان اجازت وٺڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن ريلي سان امن امان خراب ٿيڻ جو خدشو ٿيو ته حڪومت ان کي روڪڻ تي غور ڪندي.سعيد غني وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ڌمڪي ڏئي رهي آهي ته زبردستي ريلي ڪڍندي، جيڪڏهن امن خراب ٿيو ته ذميواري ان تي هوندي. خواجا آصف کي مشورو آهي ته بلاول ڀٽو جيڪو چوي ٿو، ان تي عمل ڪن.










