ٽرمپ جي قتل جي سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري کي 27 سال قيد

ٽرمپ جي قتل جي سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري کي 27 سال قيد

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي انصاف واري کاتي ٻڌايو آهي ته هڪ آمريڪي جج پاڪستاني شهري کي 2024ع ۾ ايران جي چوڻ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اهم آمريڪي سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي سازش ڪرڻ تي 27 سالن کان وڌيڪ قيد جي سزا ٻڌائي آهي.
آمريڪي انصاف واري کاتي پنهنجي بيان ۾ چيو ته، ”اڄ ڏينهن جي شروعات ۾ بروڪلن جي وفاقي عدالت ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 48 ورهين جي عاصف مرچنٽ کي آمريڪي ضلعي جج ايرڪ آر ڪوميٽي 330 مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي. کيس قومي سرحدن کان ٻاهر دهشتگرديءَ جي ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ معاوضي عيوض قتل جي ڏوهن ۾ سزا ڏني وئي.“
سرڪاري وڪيلن موجب، عاصف مرچنٽ آمريڪا ۾ ڪجهه ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ته جيئن ٽرمپ ۽ ٻين کي نشانو بڻائي سگهجي. اها سازش 2020ع ۾ واشنگٽن طرفان ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني کي قتل ڪرڻ جي بدلي ۾ جوڙي وئي هئي، ان وقت ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارتي مدي تي هو.
وفاقي پراسيڪيوٽرن موجب، 2024ع واري ان سازش جي امڪاني هدفن ۾ ان وقت جو صدر جو بائيڊن ۽ نڪي هيلي به شامل هئا، جنهن ان سال ريپبلڪن پارٽيءَ جي صدارتي نامزدگي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽرمپ جي مقابلي ۾ چونڊ مهم هلائي هئي.
آمريڪي انصاف واري کاتي موجب، مارچ ۾ هڪ وفاقي جيوري عاصف مرچنٽ کي آمريڪي سرزمين تي سياسي شخصيتن جي قتل جي منصوبابندي ڪرڻ لاءِ آمريڪا اچڻ جي ڏوهه ۾ سزاوار قرار ڏنو هو.
نيويارڪ شهر جي علائقي بروڪلن ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي فيبروري جي آخري ڏينهن ۾ شروع ٿي هئي، ٽرمپ طرفان ايران تي حملي جو حڪم ڏيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ. اهو حملو اسرائيل سان گڏجي ڪيو ويو هو، جنهن سان ايران جنگ جي شروعات ٿي.
پنهنجي مقدمي دوران عاصف مرچنٽ بيان ڏنو ته هو ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز ڪور (آءِ آر جي سي) سان گڏجي ان سازش ۾ شامل ٿيو هو، پر هن اهو ڪم پنهنجي مرضيءَ سان نه، پر تهران ۾ پنهنجي خاندان کي تحفظ ڏيڻ لاءِ ڪيو هو.
مرچنٽ چيو ته کيس ڪنهن مخصوص شخص کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڪڏهن به نه ڏنو ويو هو، پر ايران جي گاديءَ واري شهر ۾ ڳالهين دوران سندس ايراني رابطاڪار ٽن ماڻهن جا نالا ٻڌايا هئا.
آمريڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪنهن به حملي کان اڳ ئي اها سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. انصاف واري کاتي موجب، اپريل 2024ع ۾ مرچنٽ جنهن شخص سان سازش ۾ مدد لاءِ رابطو ڪيو هو، تنهن سندس سرگرمين بابت اختيارين کي آگاهه ڪيو ۽ ڳجهي اطلاع ڏيندڙ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
عاصف مرچنٽ کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هن ساڳئي سال پاڻ تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي پاڻ کي بي ڏوهي قرار ڏنو.
تهران ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته هن ٽرمپ يا ٻين آمريڪي عهديدارن کي نشانو بڻائڻ يا انهن تي حملي جي ڪا سازش ڪئي هئي.
28 فيبروري کان ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن ۾ هزارين ماڻهو مارجي چڪا آهن ۽ لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. ايران جا ڪيترائي اعليٰ اڳواڻ، جن ۾ ان وقت جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي به شامل هو، مارجي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو