لاهور)ويب ڊيسڪ) نون صوبن جي قيام بابت بحث جاري رهڻ گهرجي، ريفرنڊم جو طريقو آئين ۾ موجود آهي، پريس ڪانفرنس ڪندي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان چيو ته نون صوبن جي قيام بابت ڳالهه ٻولهه جاري رهڻ گهرجي ۽ اهو به سوچڻ گهرجي ته ملڪ ۾ نون صوبن بابت بحث ڇو شروع ٿيو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي بيان ۾ تضاد آهي. هڪ صوبي جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ٻئي صوبي ۾ اهڙي ڳالهه تي پابندي وارو رويو اختيار نٿو ڪري سگهجي. ملڪ احمد خان موجب ريفرنڊم ڪرائڻ جو طريقو آئين ۾ موجود آهي.










