پاڪستان ۽ چين جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

پاڪستان ۽ چين جو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري، سلامتيءَ جي سهڪار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي.اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ مملڪتي وزير طلال چوڌري سان چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ملاقات ڪئي.ملاقات دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ان موقعي تي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ جي اهلڪارن کي چيني ٻولي سيکارڻ لاءِ چيني استاد جلد پاڪستان موڪلڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو.چيني سفير جيانگ زيڊونگ چيو ته چين جي طرز تي اسلام آباد ۾ قائم ٿيندڙ لا انفورسمينٽ سينٽر جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکيو ويندو.چيني سفير وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي فعال ڪردار کي پڻ ساراهيو، جنهن ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ سمورن مسئلن کي بروقت حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.ملاقات ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري، اسپيشل گهرو سيڪريٽري ۽ ڊي جي اين سي سي آءِ اي پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو