لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڪئميرا لڳل عينڪن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪندي وفاقي حڪومت کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، جڏهن ته ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ جسٽس عاليه نيلم زين العابدين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته 26 آڪٽوبر تي سڄي صوبي ۾ ڪئميرا لڳل عينڪن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. وفاقي حڪومت جي ڊپٽي اٽارني جنرل رفاقت ڊوگر عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا 13 نومبر تي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاران موڪليل تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت 25 نومبر تائين سمورين صوبائي حڪومتن کان ريگيوليٽري فريم ورڪ پڻ طلب ڪيو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته مارڪيٽن، وڏين دڪانن ۽ سپر اسٽورن تي ڪئميرا لڳل عينڪون وڪرو ٿي رهيون آهن، جن ذريعي ڳجهي رڪارڊنگ ممڪن آهي. اهڙين عينڪن جي خريد ۽ وڪري لاءِ ڪنهن به سرڪاري اداري کان منظوري به حاصل ناهي ڪئي وئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڪئميرا لڳل عينڪن ذريعي شهرين جي ذاتي زندگي ۽ رازداري متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، تنهنڪري انهن جي خريد ۽ وڪري تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت وفاقي حڪومت کان ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ڪارروائي 8 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










