ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) رينجرز منگهوپير واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج سان لاڳاپيل هجڻ جي الزام هيٺ مبينا جوابدار حنيف کي گرفتار ڪري ورتو.رينجرز ترجمان موجب جوابدار افغانستان ۾ فوجي تربيت حاصل ڪري چڪو آهي ۽ ڦر جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ پڻ ملوث رهيو آهي.ترجمان ٻڌايو ته ڪارروائي دوران جوابدار جي قبضي مان ٻه موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي. گرفتار جوابدار 2012ع ۾ افغانستان مان فوجي تربيت حاصل ڪئي هئي.ترجمان موجب جوابدار پنهنجن ساٿين سان گڏجي لکين رپين جون ڦرون ڪندو رهيو، جڏهن ته ساٿين جي مارجي وڃڻ کانپوءِ روپوش ٿي ويو هو.رينجرز جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، جنهن کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.










