نيويارڪ)ويب ڊيسڪ آمريڪا ۾ ڪچي تيل ۽ ٻارڻ جي ذخيرن ۾ واڌ جي اطلاعن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري حملن ۽ آبناءِ هرمز ذريعي تيل جي فراهمي ۾ رڪاوٽن سبب قيمتن ۾ لاٿ محدود رهي.رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (ڊبليو ٽي آءِ) ڪچي تيل جا مستقبل جا سودا 56 سينٽ، يعني 0.65 سيڪڙو گهٽجڻ کانپوءِ 85.45 ڊالر في بيرل ٿي ويا، جڏهن ته برينٽ ڪچي تيل جي قيمت ۾ به 16 سينٽ، يعني 0.17 سيڪڙو لاٿ آئي ۽ اها 92.98 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي.مارڪيٽ ذريعن اڱاري ڏينهن آمريڪي پيٽروليم انسٽيٽيوٽ جي انگن اکرن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته 13 نومبر تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران آمريڪا جي ڪچي تيل جي ذخيرن ۾ 52 لک 80 هزار بيرلن جو اضافو ٿيو.ساڳئي عرصي دوران پيٽرول جي ذخيرن ۾ 51 لک 20 هزار بيرلن، جڏهن ته ڊيزل ۽ ٻين ريفائن ٿيل ٻارڻ جي ذخيرن ۾ 3 لک 51 هزار بيرلن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.آمريڪا ۾ تيل ۽ ٻارڻ جا ذخيرا وڌڻ سبب فراهمي بابت خدشا گهٽيا، جنهن جو اثر عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن تي پيو.










