بجلي 2 رپيا 88 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

بجلي 2 رپيا 88 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ بجلي جي واهپيدارن لاءِ آڪٽوبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي 2 رپيا 88 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي.سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) بجلي جي قيمت ۾ واڌ لاءِ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.درخواست موجب آڪٽوبر دوران بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) کي 10 ارب 35 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي وئي.نيپرا اختيارين موجب بجلي مهانگي ڪرڻ واري درخواست تي 26 نومبر تي ٻڌڻي ٿيندي، جنهن دوران سي پي پي اي پاران پيش ڪيل انگن اکرن ۽ موقف جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن موجب درخواست منظور ٿيڻ جي صورت ۾ بجلي واهپيدارن تي مجموعي طور 29 ارب 80 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پئجي سگهي ٿو، جڏهن ته حتمي فيصلو نيپرا ٻڌڻي کانپوءِ جاري ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو