واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي وفاقي عدالت آصف مرچنٽ کي 330 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته آمريڪي اٽارني جنرل ٽاڊ بلانچ 48 ورهين جي آصف مرچنٽ کي ايراني ايجنٽ قرار ڏنو آهي.آمريڪي اٽارني جنرل دعويٰ ڪئي ته آصف مرچنٽ ڊونلڊ ٽرمپ جي قتل جي سازش ۾ رابطن ۽ سهڪار لاءِ آمريڪا آيو هو. آمريڪي عملدار دعويٰ ڪئي ته ايراني پاسدارانِ انقلاب، ايراني فوج جي ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ آصف مرچنٽ کي آمريڪا موڪليو هو. وفاقي جيوري مارچ ۾ آصف مرچنٽ تي فردِ جرم لاڳو ڪيو هو. کيس بروڪلن جي عدالت ۾ ڊسٽرڪٽ جج ايرڪ سزا ٻڌائي. آمريڪي اختيارين موجب آصف مرچنٽ پاڻ کي پاسدارانِ انقلاب جو رضاڪار تسليم ڪيو هو ۽ اهو به مڃيو هو ته هن آمريڪي عملدارن کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪرائي جي قاتل کي رقم ڏني هئي. آصف مرچنٽ کي يقين هو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي نشانو بڻايو ويندو، جڏهن ته ٻين ممڪن هدفن ۾ ان وقت جو صدر جو بائيڊن ۽ گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي اڳوڻي مستقل نمائندي نڪي هيلي به شامل ٿي سگهي ٿي. آصف مرچنٽ کي هدايت ڪئي وئي هئي ته ڪرائي جو قاتل ڪو ڏوهاري يا مافيا جو ميمبر هجڻ گهرجي ۽ قتل جي رٿابندي ڪنهن سياسي جلسي دوران ڪئي وڃي. آصف مرچنٽ جنهن شخص کان آمريڪا ۾ مدد ورتي، تنهن ايف بي آءِ کي سندس باري ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو هو ۽ مسلسل سندس سرگرمين بابت ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪندو رهيو. آصف مرچنٽ ڪرائي جي قاتل کي 5 هزار ڊالر به ڏنا هئا، پر کيس 12 جولاءِ تي ٽيڪساس جي شهر رچمنڊ مان ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو آمريڪا ڇڏڻ وارو هو.










