گريمي ايوارڊز 2027ع جي نامزدگين جو اعلان

گريمي ايوارڊز 2027ع جي نامزدگين جو اعلان

لنڊن (ويب ڊيسڪ) موسيقيءَ جي دنيا جي سڀ کان وڏن ايوارڊز گريمي 2027ع جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو آهي. برطانوي ڳائڻي ري (RAY) 11 نامزدگين سان سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته بيونسي پنهنجي ڪيريئر جي 100هين گريمي نامزدگي حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.برونو مارس ۽ ٽيلر سوئفٽ کي به مختلف ڪيٽيگريز ۾ نامزد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پهريون ڀيرو بيسٽ ايشيئن پاپ ميوزڪ پرفارمنس جي ڪيٽيگري به متعارف ڪرائي وئي آهي. واضح رهي ته 69هين گريمي ايوارڊز جي تقريب 7 فيبروري 2027ع تي لاس اينجلس ۾ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو