اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ 2-2 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي اگهه ۾ 2 رپيا في ليٽر، جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ پڻ 2 رپيا في ليٽر لاٿ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جو نئون اگهه 2 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ 328 رپيا في ليٽر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڊيزل جو نئون اگهه 2 رپيا لاٿ کانپوءِ 358 رپيا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي. پيٽرول ۽ ڊيزل جا نوان اگهه 17 نومبر لاءِ لاڳو هوندا.










