حيدرآباد ۾ نوجوان هٿان ناري قتل، جوابدار پاڻ به زخمي

حيدرآباد ۾ نوجوان هٿان ناري قتل، جوابدار پاڻ به زخمي

حيدرآباد (ن س) حيدرآباد جي زيـل پاڪ ڪالوني ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ شبانه خان نالي ناري مارجي وئي، جڏهن ته پاڻ کي گولي هڻي زخمي ڪندڙ نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس موجب هڪ هٿياربند نوجوان گهر ۾ داخل ٿي شبانه خان نالي ناري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نوجوان پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.پوليس موجب زخمي نوجوان جي سڃاڻپ شهزاد کوکر طور ٿي آهي، جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال حيدرآباد ۾ داخل ڪيو ويو آهي،پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي وقت نوجوان جو هڪ ساٿي گهر ٻاهران موجود هو، جيڪو فائرنگ کانپوءِ فرار ٿي ويو.واقعي ۾ مارجي ويل ناري جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس جو وڌيڪ چوڻ آھي ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي، جڏهن ته فرار ٿيل نوجوان جي گرفتاري لاءِ پڻ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو