اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي 5 ارب روپيه هرجاڻي واري قانوني نوٽيس جو لکت ۾ جواب اماڻي ڇڏيو جڏهن ته جوابي ڪارروائي ڪندي مريم نواز ۽ پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري کي به هتڪ عزت جا قانوني نوٽيس به اماڻي ڇڏيا.پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ وفاقي وزير سالڪ حسين جي وچ ۾ تڪرار جي شروعات 2 نومبر تي چوڌري سالڪ حسين جي نجي چينل کي ڏنل انٽرويو سان ٿيو هو جنهن ۾ انهي پنجاب ۾ ڪرپشن، بدانتظامي ۽ ترقياتي بجيٽ جي استعمال بابت خدشن جو اظهار ڪيو هو. انهي بيان تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سخت رد عمل ڏيندي سالڪ حسين کي 5 ارب روپيه هرجاڻي جو قانوني نوٽيس اماڻيو هو.مسلم ليگ(ق) جي ترجمان موجب چوڌري سالڪ حسين پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز طرفان اماڻيل قانوني نوٽيس جو لکت ۾ جواب ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي اماڻيو ويو آهي. وفاقي وزير پنهنجي جواب ۾ پنهنجي بيان تي قائم رهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته قانوني نوٽيس جي ذريعي انهي کي خاموش نٿو ڪرائي سگهجي هو عوامي مفاد جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهندو.چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ آهي ته پنجاب لاڳيتو سخت بدانتظامي ۽ بدعنواني جي دلدل ۾ ڦاٿل آهي انهن مسئلن تي ڌمڪين جي بجاءِ پاڻ احتسابي ۽ جوابدهي جي ضرورت آهي. انهي موجب پاڪستان ۽ پنجاب جي وسيع تر مفاد ۾ شفافيت ۽ احتساب جي لاءِ انهي جو عزم غيرمتزلزل آهي. وفاقي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن پنهنجي وڪيل جي حوالي سان هتڪ عزت جا 2 قانوني نوٽيس اماڻيا آهن. جن مان هڪ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ ٻيو اطلاعات واري وزير عظميٰ زاهد بخاري کي اماڻيو ويو آهي.










