لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته جماعت اسلامي پنجاب جي مڪاني چونڊن ۾ پنهنجن خدشن جي باوجود حصو وٺندي.پنهنجي بيان ۾ لياقت بلوچ چيو ته مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي اسلام آباد جي مڪاني چونڊن جي ميدان کان ڀڄي ويون آهن. هن چيو ته صوبن ۽ انتظامي يونٽس ۾ اضافي جو مطالبو غير جمهوري يا غير آئيني نه آهي، ريفرنڊم جي تاريخ تمام گهڻي ڊيڄاريندڙ آهي، ماضي ۾ ڪوبه ريفرنڊم عزت نه ماڻي سگهيو هو.لياقت بلوچ جو چوڻ هو ته ريفرنڊم آئيني رڪاوٽون ختم نه ڪري سگهندو، آئين جو ئي ٻيهر ستياناس ڪيو ويندو. عوام چڱي ريت ڄاڻي ٿي ته هي جعلي حڪومتون آهن، اهي حڪومتون فارم 47 تي آنديون ويون آهن.










