اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت خيبرپختونخوا ۾ ٿري ايم پي او تحت گرفتارين واري معاملي تي پنهنجي اڳوڻي حڪم امتناع ۾ ترميم ڪري ڇڏي.چيف جسٽس وفاقي آئيني عدالت امين الدين خان ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ جي درخواست منظور ڪندي 5 نومبر واري حڪم امتناع ۾ ترميم ڪئي.ٻڌڻي دوران بيرسٽر گوهر دليل ڏيندي چيو ته 5 نومبر تي آئيني عدالت جي جاري ڪيل حڪم سبب پشاور هاءِ ڪورٽ جي ڪارروائي متاثر ٿي آهي ۽ وڪيلن جي پريڪٽس به رڪجي وئي آهي. آئيني عدالت ريمارڪس ڏنا ته حڪم امتناع گورنر راڄ ۽ ايم پي او سان لاڳاپيل معاملن تائين محدود هو، پشاور هاءِ ڪورٽ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت ٻيا ڪيس ٻڌي سگهي ٿي.جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏنا ته آرٽيڪل 245 جي سادي تشريح موجب آرٽيڪل 199 تحت ڪيس نٿا ٻڌي سگهجن، پر جيڪڏهن آرٽيڪل 245 جي لفظي تشريح ڪئي وڃي ته سمورو عدالتي نظام مفلوج ٿي ويندو.عدالت پشاور بار ڪائونسل کي ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ جي اجازت پڻ ڏئي ڇڏي.بيرسٽر گوهر استدعا ڪئي ته ٿري ايم پي او تحت گرفتارين بابت به کين رليف ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته هيل تائين خيبرپختونخوا ۾ ريويو بورڊ قائم ناهي ٿيو. ان تي ايڊووڪيٽ جنرل خيبرپختونخوا ٻڌايو ته ريويو بورڊ ٽن مهينن کانپوءِ قائم ٿيندو.جسٽس امين الدين خان بيرسٽر گوهر کي چيو ته اوهان پنهنجون متفرق درخواستون پشاور رجسٽري ۾ داخل ڪرايون آهن، اهي جڏهن اسان وٽ اينديون ته ڏسي وٺنداسين.وفاقي آئيني عدالت ڪيس جي ٻڌڻي غيرمعينه مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










