اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 13 ورهين جي گهريلو ملازماڻي فاطمه جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ گرفتار اعليٰ پوليس آفيسر جي گهرواري ۽ سندس ٻارن کي ديني تعليم ڏيندڙ قاري کي عدالت 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ٻه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ گهر ۾ ڪم ڪندڙ 13 ورهين جي فاطمه مبينا گهريلو تشدد سبب فوت ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ پوليس آفيسر جي گهرواري ۽ گهر ۾ ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ ايندڙ قاري کي گرفتار ڪيو ويو هو.اسلام آباد پوليس ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جنهن بعد عدالت کين 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو.










