اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بچت جي قدمن جي باوجود، موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران وفاقي حڪومت جي انتظامي معاملن کي هلائڻ جي خرچن ۾ 28.21 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.موجوده مالي سال جي پهرين ٽه ماهي دوران وفاقي حڪومت کي هلائڻ سان لاڳاپيل خرچن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي؛ انهن خرچن ۾ روزاني آپريشنل خرچ، پگهارون، ۽ وفاقي وزارتن، ڊويزنن توڙي ادارن جا انتظامي خرچ شامل آهن.ناڻي واري وزارت جي دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جولاءِ کان سيپٽمبر 2026 جي وچ ۾، وفاقي حڪومت جي معاملن کي هلائڻ جا خرچ 206.64 ارب رپيا رهيا، جڏهن ته گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران اهي خرچ 161.18 ارب رپيا هئا.وفاقي حڪومت موجوده مالي سال (27-2026) لاءِ سرڪاري معاملن کي هلائڻ جي خرچن ۾ وڌيڪ اضافي جو اندازو لڳايو آهي، جنهن لاءِ 1,071 ارب رپين جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.










