اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) شماريات کاتي موجب مالي سال 2027ع جي پهرين چئن مهينن ۾ پاڪستان جون برآمدات (ايكسپورٽس) 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالرن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن.انگن اکرن موجب گذريل سال جي ساڳئي مدعي جي مقابلي ۾ اهي انگ اکر 8.8 سيڪڙو وڌيڪ آهن. مالي سال 2026ع جي پهرين چئن مهينن ۾ پاڪستان جون برآمدات 10 ارب 40 ڪروڙ ڊالر هيون، جيڪي هاڻوڪي مالي سال جي ساڳئي مدعي دوران وڌي 11 ارب 37 ڪروڙ ڊالر ٿي ويون آهن.










