لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پاڪستان جون سفارتي ڪاميابيون باعثِ فخر آهن، پاڪستان اڄ دنيا ۾ امن جي داعي ملڪ طور سڃاتو وڃي ٿو.تحفظِ حرمين شريفين ۽ استحڪامِ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم ۽ عسڪري قيادت پاڪستان جو مثبت تاثر اجاگر ڪيو آهي، جنهن بعد پاڪستان کي عالمي سطح تي عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي. هن چيو ته تحفظِ حرمين شريفين لاءِ پوري قوم متحد آهي، مڪه معاهدو حرمين شريفين ۽ پاڪستان جي گڏيل دفاع جي علامت آهي.وفاقي مذهبي معاملن واري وزير سردار محمد يوسف خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل پاڪستان جو پُرامن تاثر اجاگر ڪيو آهي ۽ دنيا اها ڳالهه مڃي آهي ته پاڪستان امن جو داعي ملڪ آهي. هن چيو ته سفارتي محاذ تي پاڪستان جون ڪاميابيون قابلِ فخر آهن ۽ امن لاءِ پاڪستان جون سفارتي ڪوششون دنيا لاءِ مثال آهن.رانا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته دفاعِ حرمين شريفين تي ڪوبه سمجھوتو نه ڪيو ويندو، استحڪامِ پاڪستان ۽ تحفظِ حرمين شريفين لازم ملزوم آهن.مرڪزي جمعيت اهلحديث جي امير حافظ عبدالڪريم خطاب ڪندي چيو ته حرمين شريفين جو تحفظ هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي، سعودي عرب اسان جي ريڊ لائين آهي. هن حوثي مليشيا جي حملن جي مذمت ڪندي چيو ته مڪه معاهدي ۽ ايران-آمريڪا تڪرار گھٽائڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار قابلِ تحسين آهي.










