عاليا ڀٽ  جي پيدائش کان اڳ 100 سگرٽ پي ويا هئاسين: سوني

عاليا ڀٽ جي پيدائش کان اڳ 100 سگرٽ پي ويا هئاسين: سوني

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سوني رازدان انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ پنهنجي ننڍي ڌيءُ ۽ اداڪاره عاليا بھٽ جي حمل دوران فلم جي شوٽنگ ۾ هڪ ئي ڏينهن اندر تقريبن 100 سگرٽ پي وئي هئي.هندستاني ميڊيا موجب سوني رازدان هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪريئر ۾ فلم ۽ ٽي وي پراجيڪٽس تي ڪم دوران حامله ٿي هئي ۽ ان دوران کيس ساٿي فنڪارن توڙي پروڊڪشن ٽيم پاران ڀرپور تعاوڻ حاصل رهيو. اداڪاره ٻڌايو ته هوءَ پهرين ئي ڀيري ٽي وي ڊرامي ”بنياد“ جي شوٽنگ دوران حامله ٿي هئي جيڪو 1986ع ۾ نشر ٿيو هو.سوني رازدان ۽ معروف فلم ساز مهيش بھٽ وٽ 1988ع ۾ پهرين ڌيءُ شاهين بھٽ جي پيدائش ٿي. ٻئي ڀيري اداڪاره 1993ع ۾ رليز ٿيل فلم ”گمراهه“ جي شوٽنگ دوران حامله هئي.اداڪاره ٻڌايو ته فلم جي هڪ منظر ۾ کيس سگرٽ نوشي ڪرڻي هئي ۽ شوٽنگ دوران هن هڪ ئي ڏينهن ۾ تقريبن 100 سگرٽ پي ورتا هئا، کيس ان وقت اها خبر نه هئي ته سندس پيٽ ۾ عاليا بھٽ پرورش پائي رهي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هوءَ عام طور سگرٽ نوشي نه ڪندي هئي پر ان واقعي بعد کيس سگرٽ پيئڻ جي طلب محسوس ٿيڻ لڳي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو