سڊني(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي اڳوڻي فاسٽ بالر چيڊ سيئرز 2018ع واري ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران پيش آيل بال ٽيمپرنگ اسڪينڊل بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته ٽيم جي سڀني رانديگرن کي سينڊ پيپر جي استعمال جي خبر هئي ۽ ڊريسينگ روم ۾ به ان معاملي تي گفتگو ٿيندي هئي.چيڊ سيئرز 2018ع ۾ ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي آسٽريلين اسڪواڊ جو حصو هو ۽ ان ئي دوري دوران هن پنهنجي ڪريئر جو واحد ٽيسٽ ميچ کيڏيو هو. هن آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز جي ڪمينٽريءَ دوران ماضيءَ جي واقعي تي ڳالهائيندي چيو ته کيس اهو ٻڌائڻ ۾ ڪا جهجھڪ ناهي ته هو ۽ سندس ساٿي رانديگر سينڊ پيپر جي استعمال کان واقف هئا.اڳوڻي فاسٽ بالر موجب سينڊ پيپر جو استعمال ٻن ٽيسٽ ميچن ۾ ڪيو ويو هو. هن چيو ته هو ڪنهن جي حمايت يا مخالفت ناهي ڪري رهيو پر صرف ان وقت پيش آيل واقعن کي بيان ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪيپ ٽائون ۾ واقعو سامھون اچڻ بعد تقريبن هڪ کان ڏيڍ ڪلاڪ تائين گفتگو ٿيندي رهي ته هاڻي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، پر ان وقت رانديگرن کي اندازو نه هو ته آسٽريليا ۾ ان معاملي کي ڪيترو سنجيدگيءَ سان ورتو ويندو.هن دعويٰ ڪئي ته سينڊ پيپر جي استعمال جو رٿابنديءَ وارو معاملو سڀني جي علم ۾ هو، پهريان اهو ڊيوڊ وارنر جي حوالي ڪيو ويو ۽ بعد ۾ بين ڪرافٽ کي ڏنو ويو. هن انڪشاف ڪيو ته فيلڊنگ دوران پاڻيءَ جي وقفي تان موٽڻ تي کيس به سينڊ پيپر ڏنو ويو هو ته جيئن هو ان کي پنهنجي سان گڏ کڻي وڃي.واضح رهي ته اڳوڻي آسٽريلين بيٽر عثمان خواجه به پنهنجي ڪتاب ”صبر“ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته 2018ع واري بال ٽيمپرنگ واقعي کان ٽيم جا اڪثر رانديگر آگاهه هئا. فاسٽ بالرن پيٽ ڪمنز ۽ مچل اسٽارڪ عثمان خواجه جي دعويٰ کي رد ڪيو هو، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر ان جي بيان جي تائيد ڪئي هئي.ياد رهي ته مارچ 2018ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون ٽيسٽ دوران بال ٽيمپرنگ جو واقعو سامھون آيو هو، جنهن بعد اسٽيو اسٽريٽ، ڊيوڊ وارنر ۽ بين ڪرافٽ کي پابندين جو منهن ڏسڻو پيو هو.










