اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ڊسمبر ۽ جنوري مهينن دوران ايل اين جي جي فراهميءَ لاءِ وصول ٿيل مهانگيون بوليون رد ڪري ڇڏيون آهن.پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ (پي ايل ايل) ٻنهي مهينن لاءِ ايل اين جي جا ٻه اسپاٽ ڪارگو خريد ڪرڻ لاءِ بوليون طلب ڪيون هيون.پي ايل ايل جي دستاويزن موجب ٻنهي ڪارگوز لاءِ مجموعي طور ٽي بوليون وصول ٿيون. اهي بوليون 14 کان 16 ڊسمبر ۽ 9 کان 11 جنوري دوران ايل اين جي پهچائڻ لاءِ طلب ڪيون ويون هيون.پي ايل ايل ذريعن موجب ڊسمبر جي ڪارگو لاءِ 27.27 کان 31 ڊالر في ملين برٽش ٿرمل يونٽ (ايم ايم بي ٽي يو) تائين بوليون وصول ٿيون، جڏهن ته جنوري جي ڪارگو لاءِ صرف هڪ بولي 27.01 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي وصول ٿي.دستاويزن موجب ڊسمبر جي ايل اين جي ڪارگو لاءِ 24 ارب 43 ڪروڙ کان 27 ارب 77 ڪروڙ رپين تائين قيمتون طلب ڪيون ويون، جڏهن ته جنوري جي ڪارگو لاءِ 24 ارب 28 ڪروڙ رپين جي بولي وصول ٿي.










