نارٿ ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد

نارٿ ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) شهر جي صنعتي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ 73 ڪروڙ 20 لک رپين جي ترقياتي منصوبن جو آغاز ڪيو ويو آهي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب نارٿ ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ منصوبن جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو.نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري پاران ترقياتي منصوبن جي حوالي سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ۽ صنعتڪارن شرڪت ڪئي.مرتضيٰ وهاب چيو ته صنعتي علائقن ۾ روڊن ۽ بنيادي سهولتن جي بهتري سان ڪاروباري سرگرمين، روزگار ۽ برآمدن کي هٿي ملندي. انهن منصوبن تي 73 ڪروڙ 20 لک رپيا خرچ ڪيا ويندا.نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري جي صدر فيصل معيز خان چيو ته شهر جي صنعتن کي توانائي ۽ پاڻي جي فراهميءَ جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، صوبائي حڪومت ۽ صنعتي شعبي کي گڏجي ويهي جامع منصوبو تيار ڪرڻو پوندو.مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ جي گئس ٻين صوبن ڏانهن منتقل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته مقامي صنعتن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ميئر ڪراچي شهر لاءِ پاڻي جي فراهمي وڌائڻ جو مطالبو ڪندي صنعتڪارن کي مسئلن جي حل لاءِ سهڪار جي خاطري پڻ ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو