لاهور(ويب ڊيسڪ)سيشن ڪورٽ اڱاري ڏينهن ٻن پرڏيهي عورتن سان مبينا اجتماعي زيادتي جي ڪيس ۾ هڪ سينيئر وزير سان لاڳاپيل ڄاڻايل شخص سميت اٺ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.
سڀني جوابدارن، جيڪي هن وقت عدالتي تحويل ۾ آهن، کي فرد جرم جي ڪارروائي لاءِ ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو.
ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رفاقت علي گوندل جوابدارن تي الزام لاڳو ڪيا، جن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪندي پاڻ کي بيگناهه قرار ڏنو.
جج استغاثا کي هدايت ڪئي ته هو 9 ڊسمبر تي پنهنجا شاهد پيش ڪري، جيئن باقاعده ٽرائل جي ڪارروائي شروع ڪري سگهجي.
ٻئي پاسي، جج ڪيس جي ٽن جوابدارن جي گرفتاري کان پوءِ ضمانت وارين درخواستن تي دليل ڏيڻ لاءِ استغاثا کي آخري موقعو پڻ ڏنو.
جج چيو ته استغاثا ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان ضمانت وارين درخواستن تي دليل ڏيڻ لاءِ ڪيترائي موقعا حاصل ڪري چڪو آهي.
جج ضمانت جي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪندي استغاثا کي چتاءُ ڏنو ته هو پنهنجا دليل پيش ڪري، ٻي صورت ۾ درخواستن جو فيصلو ڪيس جي رڪارڊ جي روشنيءَ ۾ ڪيو ويندو.
درخواستگذارن/جوابدارن طرفان وڪيل سلمان شاهد پنهنجا دليل اڳ ئي مڪمل ڪري چڪو هو.
ڊفينس-سي پوليس پنهنجي چالان ۾ پنجن جوابدارن، جن ۾ سينيئر سياسي شخصيت سان لاڳاپيل ڄاڻايل شخص پڻ شامل آهي، کي جنسي زيادتي جي الزامن مان آجو قرار ڏنو ۽ مٿن غيرقانوني حراست ۾ رکڻ ۽ ڀتي خوري جهڙا معمولي ڏوهه لاڳو ڪيا.
پوليس ٽن ٻين جوابدارن تي عورتن سان جنسي زيادتي ڪرڻ جا الزام لڳايا، جيڪي مبينا طور تي ڪيس جي هڪ اهم جوابدار وٽ گهٽ پگهار تي ملازمت ڪندا هئا.










