ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائيءَ ۾ 0.29 سيڪڙو واڌ

ملڪ ۾ هفتيوار مهانگائيءَ ۾ 0.29 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ هفتيوار بنيادن تي مهانگائيءَ جي شرح ۾ 0.29 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سالياني بنيادن تي مهانگائي وڌڻ جي شرح 12.31 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. وفاقي اداري شماريات جي هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 21 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي، جڏهن ته 10 شين جا اگهه گهٽيا ۽ 20 شين جون قيمتون برقرار رهيون. رپورٽ موجب سالياني بنيادن تي ايل پي جي 114.88 سيڪڙو ۽ ٽماٽا 78.89 سيڪڙو مهانگا ٿيا. اداري شماريات موجب بجليءَ جي چارجز ۾ سالياني بنيادن تي 52.38 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته هڪ سال دوران ڊيزل 39.27 سيڪڙو ۽ پيٽرول 36.34 سيڪڙو مهانگا ٿيا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سالياني بنيادن تي ڪڻڪ جو اٽو 33.95 سيڪڙو ۽ ڪڪڙ جو گوشت 31.81 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو