اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ مقرر مقدار کان گهٽ پيٽرول فراهم ڪرڻ تي 40 کان وڌيڪ نوزلز ۽ 6 پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويا آهن.ضلعي انتظاميا جي پڌرائيءَ موجب اسلام آباد ۾ پيٽرول پمپن جي چڪاس جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران پيٽرول ۽ ڊيزل جي ماپ ۽ مقدار جي جاچ ڪئي پئي وڃي. پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقرر مقدار کان گهٽ ٻارڻ فراهم ڪرڻ تي 40 کان وڌيڪ نوزلز ۽ 6 پيٽرول پمپ سيل ڪيا ويا، جڏهن ته ٻارڻ جي ماپ ۾ ڦيرڦار لاءِ استعمال ٿيندڙ اليڪٽرانڪ ڊوائيسز پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ضلعي انتظاميا موجب اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ذريعي ماپ ۾ هيراڦيري ڪرڻ تي 2 پيٽرول پمپ سيل ڪري عملي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد شهر جي سمورن پيٽرول پمپن جي چڪاس يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.










